شاهه حسين جي درگاهه

شاهه حسين جي درگاهه

شاهه حسين جي درگاهه

شاهه حسين جي درگاهه (ماڳ): هيءُ ماڳ تعلقي ڪنڌڪوٽ جي شهر غوثپور ۾ آهي. شاهه حسين جيلانيءَ جي لاءِ روايت آهي ته عرب ملڪ مان 400 سال اڳ هتي آيو هو. اڳ ۾ هن شهر کي ’فتح پور‘ چوندا هئا، پر هن بزرگ جي وفات کانپوءِ هي شهر ’غوثپور‘ سڏجڻ لڳو. هن بزرگ جو قبو چورس شڪل ۾ ٺهيل آهي، ڀتين تي ٻاهران چورس طاق ۽ انهن جي مٿان ننڍا مستطيل طاق ٺهيل آهن. ڇت تي اٺ ڪنڊو ڳچ ٺهيل آهي، ڳچ جي مٿان وڏو گنبذ ٺهيل آهي، گنبذ جي مٿان ڪاشيءَ جي وڏي نيل وارو ڪلسو ٺهيل آهي. مقبري جي چوڌاري قبرستان آهي. گنبذ اندر خوبصورت گلڪاري ڪيل آهي، جڏهن ته شاهه حسين جي قبر گنبذ جي بلڪل هيٺان ٺهيل آهي. درگاهه ۾ ڪجھه ٻيون به قبرون آهن، جن لاءِ روايت آهي ته هي عورتن جون قبرون آهن، انهن مان ڪجھه قبرون ڊهي ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو